عبدالله ابو محمد انڍڙ

عبدالله ابو محمد انڍڙ: مشهور عالم ۽ ليکڪ مولانا عبدالله ابو محمد انڍڙ، 1947ع ڌاري ڳوٺ ابراهيم انڍڙ، تعلقي پني عاقل ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ ستابو انڍڙ مان حاصل ڪيائين. عربي، فارسي ۽ ديني تعليم هاليجي شريف، بائجي شريف هنڱورجا، ملتان ۽ رحيم يار خان مان حاصل ڪيائين. پني عاقل ۾ چونگها چوڪ وٽ سندس مدرسو هو، بعد ۾ گنڊو گري ڦاٽڪ وٽ مدرسو قائم ڪيائين. سندس ڪيترائي ڪتاب شايع ٿيا، جن ۾: (1) سجده سهو جا مسئلا، (2) تعارف خلفاءِ راشدين، (3) لشڪر طيبه وارن جي حقيقت، (4) اسلام جي تاريخ، (5) شيخ فريد الدين عطار، (6) جلاءُ الافهام، (7) تفسير عثماني وغيره شامل آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو